دارا عالم ابڙو

دارا عالم ابڙو

دارا عالم ابڙو

دارا عالم ابڙو: نامور مصور ۽ تعليمي ماهر دارا عالم ولد محمد عالم ابڙو، 19 آڪٽوبر 1940ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي سنڌيءَ تائين تعليم حاصل ڪيائين. کيس فن مصوريءَ سان ننڍپڻ کان ئي لڳاءُ رهيو. 64-1962ع ۾ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي (اولڊ ڪئمپـس) ۾ ڊرائيـنگ جو استاد رهيو. 70-1965ع دوران ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ نمائشن ۾ سندس ٺاهيل فن پارن جي نمائش ٿيندي رهي. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، پر کيس فائن آرٽس جي ڊگري نه هئڻ سبب سندس ليڪچراريءَ جو آرڊر رد ڪري، کيس انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ ۾ فوٽوگرافر مقرر ڪيو ويو ۽ پوءِ 1974ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ ليڪچرار بڻيو. کيس 1975ع ۾ اسڪالرشپ ڏئي آمريڪا موڪليو ويو، جتي ٽي سال رهي، پينٽنگ، فوٽوگرافي، مجسمي سازيءَ ۽ پرنٽ ميڪنگ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. نيويارڪ ۾ سنڌ جي ثقافتي پسمنظر ۾ ڪيل مصوريءَ جي نمائش ڪرايائين. هن آمريڪا جي ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ به ڪجهه عرصو پڙهايو. 1978ع ۾ ڏيهه واپس اچي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ ۾ پڙهائڻ لڳو، پر ڪجهه عرصي بعد ٻيهر آمريڪا هليو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.10.19  عيسوي

نامور مصور ۽ تعليمي ماهر دارا عالم ولد محمد عالم ابڙو، 19 آڪٽوبر 1940ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڪندر جوڳي
علي اڪبر سومرو
سليمه هاشمي
سيد محبوب علي شاهه 2
سعيد منگي
شوڪت علي دائودپوٽو
عبدالرحيم ناگوري
دهلوي عبدالحميد
سعيد علي وارثي
پنجو مل رگهواڻي
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون